طارق لائبريري

طارق لائبريري: نواب شاهه ضلعي (موجوده بينظير آباد) جي تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ راهب شاهه ۾ اديب ۽ سماج سڌارڪ محمد ملوڪ انڙ جي ذاتي ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل ’طارق لائبريري‘ جو بنياد 1960ع ۾ پيو. ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ موجود هن لائبريريءَ ۾ 12 هزار ڪتاب، اٽڪل 20 هزار هفتيوار، پندرهن روزه ۽ ماهوار رسالا ۽ مخزن ۽ 50 سالن کان گڏ ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگلش اخبارن جو پڻ ذخيرو موجود آهي. طارق لائبريريءَ ۾ مختلف موضوعن جهڙوڪ: اسلاميات، تفسير القرآن مجيد، حديث، فقه، تاريخ، شاعري، سياست، ادب، سماجيات، حڪمت، طب، سفرناما، ڪهاڻيون، سائنس، آتم ڪٿا، فلسفا، لغات، لطيفيات، انٽرويوز، جيل ڊائريون، لوڪ ادب تي ڪتاب ۽ قلمي نسخا موجود آهن. هن لائبريريءَ ۾ ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کانسواءِ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جون هزارين تصويرون ۽ خط، مختلف قسمن جي هيرن جون منڊيون، تسبيحون، ڪنٺا، قديمي سڪا ۽ جديد دؤر ۾ مختلف ملڪن جا سڪا ۽ نوٽ، ثقافت ۽ آرٽ جو شيون، پٿرن ۽ شيشي مان ٺهيل شوپيس ۽ ٻيون ڪافي نوادرات موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو